نيويارڪ – 19 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ ٻطرفي حصيداري تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ترڪيءَ سان اقتصادي تعاون وڌائڻ جو خو??هشمند آهي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اهڙن خي??لن جو اظهار پنهنجي ترڪ هم منصب موولت ڪاوو سوگلو سان عالمي تحفظ خو??اڪ جي لاءِ حڪمت عملي جي حوالي سان منعقد وزارتي اجلاس جي موقعي تي ملاقات دوران ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ شاندار ۽ ٻطرفي حصيداري تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستان جي ترڪيءَ سان پنهنجي وسيع ال??نياد تعاون وڌائڻ جي عزم کي ورجايو. هن چيو ته هن سال نومبر ۾ پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي 75 هين سالگرهه کي ڀرپور طريقي سان ملهايو ويندو. هن ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي ترڪيءَ جي اصولي موقف تي ترڪ حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن ترڪ پرڏيهي وزير کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني قدمن ۽ نام نهاد حدبندي ڪميشن جي حوالي سان پاڪستان جي موقف کان آگاه ڪيو. هن مختلف عالمي معاملن تي پڻ خي??لن جي ڏي و?? ڪئي. پرڏيهي وزير خطي ۾ امن ۽ استحڪام ۽ افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ترڪيءَ جي حمايت کي ساراهيو. هن ترڪيءَ سان اقتصادي تعاون وڌائڻ جي خو??هش جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.