اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب يوم تڪبير ” نه جهڪيا هئاسين، نه جهڪنداسين“ جو عنوان جاري ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جوهري ڌماڪن جا 24 سال مڪمل ٿيڻ تي 10 ڏينهن جون تقريبون ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب ٻڌا??و ته وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته قيام پاڪستان جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جي ڊائمنڊ جوبلي تقريبن جي طرز تي سڄي ملڪ ۾ يوم تڪبير قومي جذبي سان ملهايو وڃي. وزيراعظم وفاق، چئني صوبن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي حڪومتن سان گڏجي تقريبن جي انعقاد جي هدايت ڪئي ??هي?? يوم تڪبير تي قومي تقريبون ملهائڻ جو آغاز 19 مئي کان ٿيندو. وفاقي وزير چ??و ته 28 مئي 1998ع قومي افتخار ۽ پاڪستان جي پنهنجي آزادي، خودمختياري ۽ قومي مفادن جي خاطر ڪڏهن نه جهڪڻ جي عظيم تاريخ جو ڏينهن ??هي?? هن چ??و ته محمد نواز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان کي ايٽمي قوت بڻايو هو، هاڻي ??عا??ي قوت بڻائينداسين، هي اهو تاريخي ڏينهن آهي جڏهن قومي قيادت ٻاهرين طاقتن جي دٻاءُ ۽ ڌمڪين جي باوجود دفاع وطن کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ قوم جو سر فخر مان بلند ڪيو. هن چ??و ته وفاقي، صوبائي ۽ ضلعي سطح تي يوم تڪبير جون تقريبون منعقد ڪيون وينديون، ت??ليمي ادارن، شاگردن ۽ نوجوانن کي خاص طور تي انهن تقريبن ??و حصو بڻايو ويندو، وفاقي وزير چ??و ته وزيراعظم سمورين سياسي پارٽين، وڪيلن، ڊاڪٽر ميڊيا، پورهيتن، سول سوسائيٽي تنظيمن سميت ??عا??ري جي سمورن طبقن کي اپيل ڪئي آهي ته هو ان قومي ڏينهن کي قومي جذبي سان ملهائي، اهو ڏينهن قوم جي بي مثال اتحاد، يڪجهتي ۽ پاڪستان لاءِ هڪ ٿيڻ جو ڏينهن ??هي?? ان ڏينهن کي انهي انداز ۾ ملهائڻ جي ضرورت ??هي?? هن ميڊيا کي درخواست ڪئي ته يوم تڪبير لاءِ خصوصي نشريات، پروگرامز ۽ تحريرن جي اهتمام سان ان قومي ڏينهن جي تقريبن ۾ پنهن??و حصو وجهي.