ڪوئيٽا – 01 – آگسٽ (اي پي پي) روينيو واري صوبائي وزير مير سڪندر خان عمراڻي چيو آهي ته ڀارتي فورسز پاران ڪشميري عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جا داستان لکيا ويا آهن، اسان ڪشميري عوام تي ظلم ۽ تشدد جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا ۽ انهن جي خودمختياري جي حق جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي سطح تي حمايت جاري رکڻ جي عزم کي ورجايون ٿا. 5 آگسٽ استحصال ڏهاڙي جي ??وقعي تي پنهنجي ??ڪ پيغام ۾ بلوچستان جي روينيو واري وزير چيو ته ڀارت سمورا انساني حق لتاڙيندي ڪشمير جي علائقي ۾ زبردستي پنهنجي ??وج داخل ڪئي ۽ اتان جي عوام کي پنهنجي خودمختياري جي حق کان محروم ڪري ڇڏيو، اڄ 76 سال گذرڻ جي باوجود ڪشميري عوام جهڙي طرح ڀارتي سرڪار جي ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار آهي، اهو انتهائي مذمت جوڳو آه??، بزرگن، ج??انن، عورتن ۽ ايستائين جو معصوم ٻارن کي بيدردي سان قتل ڪيو پيو وڃي ۽ اهو به رڳو ان لاءِ ته اهي پنهنجي حقن جي جنگ وڙهي رهيا آهن. مير سڪندر خان عمراڻي چيو ته ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد کي دٻائڻ جي ??اءِ ڀارت روزانو نوان حربا استعمال ڪري رهيو آهي، ج??ڙي طرح والاريل ڪشمير جي ??عصوم عوام پنهنجي آزادي جي جدوجهد لاءِ ڀارتي فوج جو مقابلو ڪري رهي آ??ي اهو ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته انشاءَ الله انهن جي جدوجهد ضرور ڪامياب ٿيندي ۽ امن ۽ خوشحالي سان هڪ نئين ۽ آزاد زندگي جو سفر شروع ڪندا. هن چيو ته عالمي دنيا جو فرض آهي ته اها به والاريل ڪشمير جي ??ظلوم عوام جو آواز بڻجي ته جيئن ڀارت تي اها ڳالهه واضح ٿي وڃي ته دنيا رياستي ڏاڍ جي خلاف ۽ والاريل ڪشمير جي عوام سان گڏ آهي ۽ انهن جي اصولي موقف جي تائيد ڪري ٿي، والاريل ڪشمير جي عوام هاڻي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي برادري مان اميد لڳائي ويٺي آهي ته ا??ي انهن جي ??سمت جو فيصلو حق ۽ اصولن جي بنياد تي ڪن ۽ ڀارت جي ظلم ۽ ڏاڍ کان انهن کي ڇوٽڪارو ڏيارين.