اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ٻئي مرحلي تحت سڄي ملڪ ۾ ٺاهيا ويندڙ خصوصي اقتصادي زونز سان پ??ڪس??ان جي صنعتي ترقي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو ۽ پ??ڪس??ان جي ٽرانسپورٽ جي شعبي، انفراسٽرڪچر ۽ توانائي جي ترقي ۾ پڻ مدد ملندي، سي پيڪ پ??ڪس??ان کي عالمي معيار جي روڊ نيٽ ورڪ تيار ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪئي آهي جنهن سان نه رڳو اندروني رابطن ۾ بهتري ايندي پر خطي جي ٻين ملڪن سان ويجها رابطا وڌائڻ ۾ پڻ مدد ملندي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي عنوان سان ٽئين گول ميز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سي پيڪ تحت تيار ڪيا ويندڙ پنج خصوصي اقتصادي زونز ۾ جديد ترين انفراسٽرڪچر هوندو ۽ پ??ڪس??ان حڪومت جي خصوصي اقتصادي زونز ۾ صنعت ??ي قيام جي لاءِ سموريون ضروري سهولتون فراهم ڪندي. هن مقامي ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن تي زور ڏنو ته اهي ملڪ ۾ ڪاروبار ڪرڻ جي آسانين ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين جي ذريعي پيش ڪيا ويندڙ موقعن مان فائدو کڻن. ڪانفرنس ۾ پ??ڪس??ان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ ۽ پ??ڪس??ان آبزرور جي چيف ايڊيٽر فيصل زاهد ملڪ پڻ خطاب ڪيو. ڪانفرنس ۾ غيرملڪي سفارتڪارن، ميڊيا ۽ واپاري بر??دري جي نمايان شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته ملڪ جي سيڙپڪار دوست پاليسين جا مثبت نتيجا نڪري رهيا آهن، جنهن ناليواري موبائيل فون بر??نڊز کي پ??ڪس??ان ۾ فونز جي تياري ۽ اسمبلنگ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ترغيب ڏني آهن. هن واپاري بر??دري تي پڻ زور ڏنو ته اها حڪومت پاران جوڙيل پاليسين مان ڀرپور فائدو کڻي ۽ ٽيڪس ۾ ڇوٽ، ٽيڪس ريفنڊز، انفراسٽرڪچر ۽ سيڙپڪارن کي ڏني ويندڙ سهولتن جهڙين مراعتن مان فائدو کڻي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪ چين اقتصادي لنگهه کي مثالي پاڪ چين ٻطرفن لاڳاپن جو عڪاس قرار ڏيندي چيو ته سي پيڪ تحت وڏي سيڙپڪاري پ??ڪس??اني معيشت جي مختلف شعبن ۾ دوست ملڪن جي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ کانسواءِ پ??ڪس??ان جي معيشت جي مختلف شعبن کي وڌيڪ سگهه ڏيندي. هن چيو ته سي پيڪ اڳ ۾ ئي انفراسٽرڪچر ۽ توانائي جي شعبن ۾ پ??ڪس??ان جي پراڻي دوست چين سان تعاون جي سطح کي اڳتي وڌائي چڪو آهي. هن چيو ته سي پيڪ پ??ڪس??ان کي عالمي معيار جي روڊ نيٽ ورڪ تيار ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪئي آهي جنهن سان نه رڳو اندروني رابطن ۾ بهتري ايندي پر خطي جي ٻين ملڪن سان ويجها رابطا وڌائڻ ۾ پڻ مدد ملندي. صدر توانائي جي شعبي جو ذڪر ڪندي چيو ته سي پيڪ تحت ملڪ جي ٽرانسميشن ۽ ڊسٽري بيوشن جي نظام کي بهتر بڻ??ئڻ، گردشي قرضن جي دائمي مسئلي کي منهن ڏيڻ ۽ صنعتي ۽ واپاري سرگرمين جي لاءِ گهٽ قيمت تي توانائي جي مستقل فراهمي کي يقيني بڻ??ئڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن گوادر ۾ چين پاران شروع ڪيل گهڻ رخي ڪم تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ان سان گوادر کي علائقائي واپار ۽ سيڙپڪاري جو مرڪز بڻ??ئڻ جي خواب کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته گوادر بندرگاهه افغانستان ۽ وچ ايشيائي ملڪن سان واپار جي لاءِ هڪ مثالي سامونڊي رستو هوندو. هن افغانستان ۾ امن جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو جيڪو خطي ۽ پاڙيسري ملڪن جي لاءِ واپاري ۽ اقتصادي موقعن جي راهه هموار ڪندو. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت نوجوانن جي مهارت خاص ط??ر تي آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي جي لاءِ هڪ ٺوس پروگرام متعارف ڪرايو آهي جنهن جو مقصد مقامي صنعت ۽ افرادي قوت جي بر??مدي منڊي کي هنرمند افرادي قوت فراهم ڪرڻ آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته پ??ڪس??ان ۽ چين جي وچ ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ تعاون وڌيڪ وڌندو. صدر گول ميز ڪانفرنس جي ميزباني ڪرڻ تي پ??ڪس??ان آبزرور جي انتظاميا کي ساراهيو ۽ اهو قدم پ??ڪس??ان ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جي ڪوششن کي مڪمل ڪرڻ ۾ اهم ثابت ٿيندو.