اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي( اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ملڪ جي مختلف علائقن ۾ جلاءُ، گهيراءُ ۽ ٽوڙ ڦوڙ جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته باهه لڳائيندڙ ملڪ جا محسن نه ٿا ٿي سگهن، سرڪار?? ملڪيتن تي حملو ڪندڙ ملڪ جا دوست نه ٿا ٿي سگهن، فارن فنڊيڊ فتني جي ذهنيت ملڪ کي ورڇ ڪري ڇڏيو آهي، فارن فنڊيڊ فتني جي انتشار، شدت پسندي ۽ ورڇ تي ٻڌل سي??ست ملڪ کي نا??ابل تلافي نقصان پهچائي رهي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن سوال ڪيو ته اڃا تائين پنجاب حڪومت لانگ مارچ واقعي جي ايف آءِ آر ڇو نا??ي داخل ڪئي؟ هن چيو ته فارن فنڊيڊ فتنو سرڪاري اسپتال مان رپورٽ نه لکرائي رهيو آهي جيڪو قانون آهي. هو پنهنجي ميڊيڪو ليگل جي قانوني ضابطن کي پورو نه ڪري رهيو آهي. هن چيو ته فارن فنڊيڊ فتنو چونڊون نه گهرو ويڙهه چاهي ٿو جنهن جو مظاهر?? هر ڏينهن چاهي ٿو. هن چيو ته فارن فنڊيڊ فتنو پاڪستان جو نا??و فيٽف مان نڪرڻ جي خلاف جنگ ڪري رهيو آهي، فارن فنڊيڊ فتني جي جنگ پاڪستان ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري جي خلاف آهي. هن چيو ته الحمدالله ملڪ ۾ امن امان آهي، عوام انتشار ۽ فساد جي سي??ست کي رد ڪري ڇڏيو آهي.