اسلام آباد– 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ٽيليويزن ۽ فلم جي ناليواري اداڪار اسماعيل تارا جي لاڏاڻي ت?? گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تع??يت?? بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف مرحوم اسماعيل تارا ج?? گه??وا??ن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي مرحوم جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته مرحوم اسماعيل تارا مزاحيه اداڪاري ۾ منفرد مقام رکندو هو. هن پاڪستان ۾ مزاح کي آرٽ جي هڪ صنف طور مقبول ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڪستان ٽيليويزن ۽ فلم جي ناظرين جي ذهنن تي هن جي اداڪاري جا اڻمٽ نقش آهن. خاص طور تي پاڪستان ٽيليويزن جي پروگرام ففٽي ففٽي ۾ سند?? اداڪاري يادگار رهندي ۽ سندس خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو.