اس??ام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بنون ۾ دهشتگردن جي ڪارروائي ناڪام بڻائڻ ۽ انهن جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ت?? ڪامياب آپريشن سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن ۽ دهشتگرد?? جي خلاف اڻٿڪ عزم جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي قيادت ۽ آپريشن ۾ حصو وٺندڙ اهلڪارن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته قوم وڏيون قربانيون ڏئي ملڪ کي دهشتگردي کان آزاد ڪيو آهي، انهي جذبي سان دهشتگرد?? جي باقيات کي ملڪ مان مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جي ل??ءِ ڪم ڪرڻو پوندو، قوم ملڪي دفاع ۽ سلامت?? جي لاءِ دهشتگرد?? جي خلاف قربانين کي سدائين ياد رکندي، پوري قوم دهستگردن جي خلاف ڪاررواين ??ي پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي. ڊاڪٽر عارف علوي آپريشن دوران شهيد ٿيندڙ اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪندي انهن جي درجن جي بلندي ل??ءِ دعا ڪئي. صدر آپريشن ۾ زخمي اهلڪارن جي جلد صحتيابي ل??ءِ پڻ دعا ڪئي.