اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته هڪ پاڳل ملڪ ۾ فساد، انتشار ۽ افراتفري چاهي ٿو ته جيئن ملڪ ۾ معاشي استحڪام نه اچي سگهي، عمران صاحب ”ايمپائر“ ته ن??وٽرل هوندو آهي جنهن کي ??وه??ن جانور چئو ٿا، حالتون ملڪ جو نه عمران خان جون تمام خراب آهن ڇو ته سندس گهوڙيُون ٽٽي چڪيون آهن، ??وه??ن کي حيرت ان لاءِ آهي ڇو ته ادارا ??وه??ن جي گهٽيا سياست جو حصو نه بڻجي رهيا آهن. عمران خان جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته نالائق نااهل توشه خانه چور عادت کان مجبور ادارن کي پنهنجي گهٽيا سياست ۾ گهلي رهيو آهي. اليڪشن ڪميشن ۽ عدليه جي ??مي??اري بڻجي ٿي ته فارن ايجنٽ ۽ توشه خانه جي چور کان حساب وٺي. هن چيو ته فوج ۽ عدليه کي عادت کان مجبو?? آواز نه ڏي. واپاري ۽ ڪاروباري برادري ۽ آبادگار ڄاڻين ٿا ته ملڪ ??وه??ن جي معاشي تباهي جي ڀنور ۾ ڦاٿل آهي. عمران خان هڪ پاڳل شخص آهي جيڪو پوري پاڪستان کي به پاڳل سمجهي ٿو. هن چيو ته عمران خان ملڪ کي جنهن ڏيوالپڻي طرف وٺي وڃي رهيو هو، اسان ملڪ کي اتان واپس آڻي رهيا آهيون. عمران خان جي ??مي??اري رڳو ملڪ کي ڦريل پئسو، رشوت ۾ ورتل زمين، چوري ٿيل هيرا، توشه خانه جي ڦرلٽ ۽ فارن فنڊنگ جو جواب ڏي. عمران خان جي ??مي??اري آهي ته چار سالن جي معاشي تباهي، بيروزگاري، مهانگائي ۽ چوري جو جواب ڏي. هن چيو ته عمران خان روئي رڙيون ڪري يا پٽي هاڻي ادارا ??وه??ن جي سازشي منصوبابندي جو حصو نه بڻجندا.