اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شر??ف چيو آهي ته پاڪستان کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هنرمند ماڻهن کي حصيدار بڻائي رهيا آهيون، منهنجي هدايت تي منصوبابندي وارو ??زي?? چيمپيئن آف ريفارمز (سي او آر) نيٽ ورڪ جي شر??عات ڪرڻ وڃي رهيو آهي، اهو نيٽ ورڪ هڪ پليٽ فارم طور ڪم ڪندو جنهن ۾ ملڪ جي ماهرن جون خدمتون ورتيون وينديون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ??زي??اعظم چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وڏي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ بهترين ٽيلينٽ کي استعمال ۾ آندو ويندو. هنرمند پاڪستاني ملڪ جو فخر آهن جن عالمي سطح تي مختلف شعبن ۾ پنهنجو مقام ب??ايو. درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هنرمند ماڻهن کي حصيدار بڻائي رهيا آهيون. سي او آر نيٽ ورڪ هڪ اهڙي پليٽ فارم طور تي خدمتون سرانجام ڏيندو جتي قوم جي خدمت جي لاءِ چوٽي جا ماهر گڏجي ويهندا. پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اسان عملي رستي طرف گامزن ٿي رهيا آهيون جتي اسان پنهنجي بهترين ٽيلينٽ جي حصيدا??ي ??ان ملڪ کي درپيش چئلينجز جي حل لاءِ گڏيل ڪوششون ڪنداسين.