اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ??ه پاڪستان کي مشڪل معاشي صورتحال درپيش آهي، معاشي بحران مان نڪرڻ جي لاءِ اسان آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر اڀرندڙ معيشت بڻجي پنهنجا مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ميونخ سيڪيورٽي ڪانفرنس جي موقعي تي غيرملڪي چينل کي ڏنل تازي انٽرويو ۾ هن چيو ته يوڪرائن جنگ ۽ ٻوڏ ملڪي معيشت کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آ??ي پر پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر اڀرندڙ معيشت بڻجي پنهنجا مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هن چيو ته پاڪستان اهڙي دور مان گذري رهيو آهي ??تي هاڻي غيرآئيني قدم نه ٿيندا. هن پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي، ملڪي معيشت ۽ افغانست??ن جي صورتحال تي پڻ خيالن جو اظهار ڪيو. دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف جي بي??ن جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دفاع وارو وفاقي وزير سياسي تناظر ۾ ڳالهه ڪري رهيو آ??ي، هو فني نه پر مشڪل معاشي دور جو ذڪر ڪري رهيو هو. هن چيو ته اسان کي بدترين معاشي بحران درپيش آهي، پاڪست??ن جو هڪ وڏو حصو تازي ٻوڏ واري پاڻي ۾ ٻڏل آهي، ٻوڏ جي تباهي موسمياتي تبديلين جي ڪري آهي، ٻوڏ پاڪست??ن جي معيشت جو رخ بدلائي ڇڏيو آ??ي ۽ پاڪستان اڃا تائين مشڪلاتن مان ٻاهر ناهي نڪري سگهيو ۽ انهي معاشي بحران مان نڪرڻ جي لاءِ اسان آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون. بلاول ڀٽو زرداري اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي بي اعتمادي رٿ جي ذريعي عهدي تان هٽائڻ جي قدم کي هڪ جمهوري ۽ اداراجاتي سنگ ميل قرار ڏنو ۽ چيو ته شايد عمران خ??ن جي حامين کي بي اعتمادي جا نتيجا پسند نه هجن پر اها ملڪي تاريخ ۾ هڪ بنيادي ڪاميابي آهي ??نهن ۾ جمهوري عمل جي پاسداري ڪئي وئي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته عمران خ??ن جمهوري انداز اختيار ڪري واپس اچي سگهي ٿو پر هو جمهوري انداز اختيار نه ڪري رهيو آهي ??يڪو ??ن جي لاءِ ڪارائتو نه آهي. هن چيو ته جيڪڏهن عمران خ??ن جمهوري رستي جي چونڊ نه ٿو ڪري ته پوءِ ??ن جو ڪو سياسي مستقبل نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته جمهوريت جي حوصلا افزائي ڪندڙن جي حمايت ٿيڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان پنهنجي ملڪي تاريخ جو اڌ کان وڌيڪ وقت سڌوسنئون آمريت ۽ ??ن جي وچ ۾ مختلف تبديلين تحت گذاريو آ??ي. هن چيو ته اها ڳالهه ياد رکڻ جي ضرورت آهي ??ه پاڪست??ن جي سياسي تاريخ ۾ غيرجمهوري قوتن جو پنهنجو وقت رهيو آ??ي پر اهو ڪڏهن ڊگهو ناهي ??هيو. پرڏيهي وزير پشاور ۽ ڪراچي ۾ تازي دهشتگردي جي حملن جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان تازن ڏينهن ۾ دهشتگردي کان به متاثر ٿيو آ??ي ۽ افغانستان مان آمريڪي انخلا کانپوءِ دهشتگردي جي لهر ۾ اضافو ٿيو آ??ي. هن چيو ته اسان پنهنجي سرزمين تي دهشتگردن جو مقابلو ڪنداسين جڏهن ته ان مسئلي جي مستقل حل جي لاءِ افغانستان مان خطرن کي روڪڻ ضروري آهي.