اسلام آباد – 06 – ??ارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف قطر جو ٻن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ واپس پاڪستان ??هچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم قطر جي دوري دوران اسرندڙ ملڪن جي ڪانفرنس جي پنجين اجلاس ۾ شرڪت ڪ??ي. هو قطر جي امير پاران ڪانفرنس ۾ شريڪ ملڪي سربراهن ۽ وزيراعظمن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۾ به شريڪ ٿيو. وزيراعظم سومر ڏينهن ڪانفرنس جي اجلاس کي خطاب به ڪيو، جنهن کانپوءِ وطن واپس روانو ٿي ويو.