اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذار??ند?? لکين ڀائرن ڀينرن جي مهانگائي جي ڪري شديد مشڪلاتن جو اندازو آهي، اهڙي وقت رمضان المبارڪ جي آمد اسان کي اها سعادت عطا ڪري ٿي ته اسان اڳتي وڌي پنهنجي معاشري جي ان غريب تري?? طبقي جي تڪليف ۾ ريليف جو ذريعو ۽ انهن جي ڏک ۾ ??اح?? جو وسيلو بڻجي وڃون. پنهن??ي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مون کي اندازو آهي ته هن وقت غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذار??ند?? لکين ڀائر ڀينرون مهانگائي جي ڪري شديد مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، اهڙي ۾ رمضان المبارڪ جي آمد اسان کي اها سعادت عطا ڪري ٿي ته اسان اڳتي وڌي پنهنجي معاشري جي ان غريب تري?? طبقي جي تڪليفن ۾ ريليف جو ذريعو ۽ انهن جي ڏک ۾ ??اح?? جو وسيلو بڻجي وڃون، جيتوڻيڪ مستحق غريب خاندانن جي لاءِ رمضان المبارڪ ۾ مفت اٽو فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته کيس اميد آهي ته ان ناچيز خدمت ۾ ٻيا صوبا به اڳتي وڌي حصو وٺندا.