لاهور – 10 – مارچ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف ترڪيه ۽ شام جي زلزلي ??تا??رين جي لا??ِ امدادي سامان جي مقرر مدي ۾ روانگي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته 23 مارچ 2023ع تائين ترڪيه ۾ سرديءَ کان بچاءُ جا 50 هزار خيما موڪليا ويندا، هن خيمن جي معيار کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ترڪيه موڪلڻ کان اڳ رينڊم چيڪنگ ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي ??تا??رين جي لاءِ خصوصي طور تي تيار ڪيل خيمن ۽ ٻين امدادي شين جي جلد کان جلد پهچ تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ، ناڻي واري وفاقي وز??ر، پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ واري وفاقي وز??ر ۽ ترڪيه ۾ پاڪستان جي سفير بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ مهيني 23 مارچ تائين ترڪيه ۽ شام 34 اڏامون امدادي سامان کڻي وينديون، انهن اڏامن ۾ سرديءَ کان بچاءُ جا 50 هزار خيما، 38 هزار ڪمبل ترڪيه لاءِ ۽ 22 هزار ڪمبل ۽ 10 هزار راشن جا پيڪيٽ شام موڪليا ويندا. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اڄ رات ٻه مال بردار جهاز 220 ٽن امدادي سامان کڻي ترڪيه جي لاءِ روانا ٿيندا. ان کانسواءِ سڀاڻي ڇنڇر ڏينهن ترڪيه ۽ شام جي زلزلي ??تا??رين جي لاءِ پاڪستان نيوي جو ٻيو سامونڊي جهاز سامان کڻي روانو ٿيندو. وز??راعظم ترڪيه ۽ شام جي لا??ِ امدادي سامان جي مقرر مدي ۾ روانگي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وز??ر اسحاق ڊار، منصوبابندي واري وفاقي وز??ر احسن اقبال، وز??راعظم جي خاص معاون سيد طارق فاطمي، ترڪيه ۾ پاڪستان جي سفير ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وز??راعظم شهباز شريف چيو ته ناڻي واري وزارت معاشي مسئلن جي باوجود امدادي سامان جي پيداوار ۽ پهچ جي لاءِ گهربل وسيلا مهيا ڪيا جيڪا سراهه جوڳي ڳالهه آهي. هن چيو ته اين ڊي ايم اي، ناڻي واري وز??ر، منصوبابندي واري وز??ر، پرڏيهي وزارت، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ترڪيه ۽ شام ۾ مقرر سفيرن جا ٿورا ادا ڪريان ٿو جيڪي زلزلي سٽيلن جي مدد لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ سرنديءَ وارا زلزلي ??تا??رين جي لاءِ دل کولي عطيا جمع ڪ??ائي رهيا آهن.