اسلام آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فض?? الرحمان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب مولانا فض?? الرحمان وزيراعظم محمد شهباز شريف کي سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل جي پارليامينٽ مان منظوري تي مبارڪباد ڏني. هن وزيراعظم کي اتحادين ??اران مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي پڻ تفصيلي مشاورت ڪئي وئي.