پشاور – 19 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پيپلزپارٽي جي وفد سان گڏ جمعيت علماءِ اسلام جي مرڪزي امير م??لانا فضل الرحمان جي اباڻي رهائشگاهه عبدال??يل ۾ مذهبي معاملن واري وزير عبدالشڪور جي لاڏاڻي تي ساڻس تعزيت ڪئي. وفاقي وزير قمر زمان ڪائره ۽ مملڪتي وزير فيصل ڪريم ڪنڊي پڻ پيپلزپارٽي جي چيئرمين سان گڏ هئا. بلاول ڀٽو زرداري ۽ وفد جي ٻين ميمبرن مفتي عبدالشڪور جي روح جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ??ئي. جي يو آءِ (ف) جي اڳواڻ مولانا ضياءَ الرحمان پيپلزپارٽي جي وفد جو عبدال??يل پهچڻ تي استقبال ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو خصوصي پيغام مولانا فضل الرحمان کي پهچايو. ملاقات ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف سان حڪ??را?? اتحاد جي ڳالهين بابت معاملا پڻ بحث هيٺ آيا.