اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته نئين پي ٽي وي اڪيڊمي اطلاعات واري وزارت جي تاريخ جو اهم سن?? ميل آهي، ميڊيا، براڊ ڪا??ٽنگ، فلمز، اداڪاري، ٽريننگ ۽ صلاحيت سازي جي لاءِ عالمي معيار جي سينٽر آف ايڪسي ??ينس جي شروعات ڪرڻ منهنجي مقصد جي عڪاسي ڪر?? ٿو، نئين ٺوس اڪيڊمي سڄي پاڪستان خاص طور تي نوجوانن جي لاءِ پهچ جوڳي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته پهرين فلم پاليسي جي حصي طور 13 مئي تي هن پي ٽي وي فلم انسٽيٽيوٽ جي شروعات ۽ انفارميشن سروس اڪيڊمي، پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان اڪيڊميز جي انضمام جو اعلان ??يو هو جيڪو اطلاعات واري وزارت جي تاريخ جو هڪ اهم سن?? ميل آهي. هن چيو ته نئين ٺوس اڪيڊمي جو ٽيزر شيئر ڪندي مون کي خوشي ٿي رهي آهي. هن چيو ته آءِ ايس اي، پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان اڪيدميز جو انضمام ۽ ميڊيا، براڊ ڪا??ٽنگ، فلمز، اداڪاري، ٽرننگ ۽ صلاحيت سازي جي لاءِ عالمي معيار جي سينٽر آف ايڪسي ??ينس جي شروعات ڪرڻ منهنجي مقصد جي عڪاسي ڪر?? ٿو جيڪو سڄي پاڪستان خاص طور تي نوجوانن جي لاءِ پهچ جوڳو آهي، اهو قدم منهنجي دل جي تمام ويجهو آهي. هن چيو ته پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان ۾ ميڊيا اوزارن ۽ سهولتن جو استعمال ڪندي اڪيڊمي جي مطالعاتي پروگرامن سان گڏ عملي تربيت کي پڻ شامل ??يو ويو، نئين ٺوس اڪيڊمي نه رڳو اطلاعات واري وزارت، پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان جي نئين ۽ موجوده ملازمن جي لاءِ اوپن رهندي پر سڄي پاڪستان جا شاگرد ۽ نوجوان اڪيڊمي جي سمر اسڪول سميت ڪورسز ۾ داخلا وٺي سگهندا. اطلاعات واري وفاقي وزير اطلاعات واري وزارت، پي ٽي وي اڪيڊمي، ريديو پاڪستان جي ٽيمن ۽ ايم ڊي پي ٽي وي کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هن پي ٽي وي فلم انسٽيٽيوٽ جي شروعات جي لاءِ اڻٿڪ جدوجهد ڪئي. هن پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ونيزه احمد کي پڻ خراج تحسين پيش ??يو جنهن مختصر وقت ۾ ان انضمام کي عملي جامعو پارائڻ سان گڏوگڏ مطالعاتي پروگرام شروع ڪيو.