اسلام آباد -13 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي بجيٽ اجلاس جي شيڊول جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن مطابق اجلاس 24 ج??ن تائ??ن جاري رکيو ويندو. اسپيڪر راجه پرويز اشرف جي صدارت هيٺ هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿ??و. ??جلاس ۾ هلندڙ بجيٽ اجلاس کي ڇنڇر 24 جون 2023ع تائ??ن جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو و??و. ??جلاس ۾ بجيٽ اجلاس جي ايجنڊا ۽ ڪيتري وقت تائين هلڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪميٽي اجلاس ۾ بجيٽ 24-2023ع تي 17 ج??ن تائين ع??م بحث جاري رکڻ تي اتفاق ڪ??و. ??نهن کان پوءِ سينيٽ آف پاڪستان طرفان ڏنل سفارشن تي غور ڪيو ويندو ۽ 19 جون 2023ع تي ناڻي وارو وزير بجيٽ 24-2023 تي ع??م بحث کي سهيڙيندو. غير منظور ٿيل خرچن (چارج ايڪسپنڊيچرز) تي بحث 20 ج??ن تي ٿيندو جڏهن ته ڪٽوتي جي تحريڪن تي بحث 21 ۽ 22 ج??ن تي ٿيندو. فنانس بل، 2023ع تي غور ۽ منظوري 23 جون لاءِ تجويز ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 24 ج??ن تي 2021، 2022 ۽ 2023 جي لاءِ گرانٽن جي ضمني مطالبن تي بحث ڪيو ويندو. ڪميٽي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته بجيٽ اجلاس ڇنڇر 17 جون ۽ 24 ج??ن تي به جاري رکيو ويندو. اجلاس ۾ وفاقي وزير رانا تنوير حسين، مرتضيٰ جاويد عباسي، شازيه مري ۽ قومي اسيمبلي ميمبر خالد حسين مگسي، حامد حميد، ڊاڪٽر رميش ڪمار وانڪواڻي، صابر حسين خائمخاني، ولانا عبدالاڪبر چترالي، چوڌري برجيس طاهر، قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري طاهر حسين ۽ قانون سازي واري ايڊيشنل سيڪريٽري محمد مشتاق شرڪت ڪئي.