اسلام آباد – 10 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شڪر ڳڙهه ۾ ٻوڏ ريلي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي وقت سر ٻاهر ڪڍڻ ۽ مدد تي رينجرز ۽ ريسڪيو 1122 جي اهلڪارن جي خدمتن کي ساراهيندي امڪاني طور تي متاثر ٿيندڙ علائقن ۾ ماڻهن کي آگاهي ۽ وقت سر حفاظت سان ٻاهر ڪڍڻ جي تيارين جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم ??فيس جي ميديا ون?? پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته رينجرز ۽ ريسڪيو جي وقت سر امدادي ڪارروائي سان عورتن ۽ ٻارن سميت درجنين ماڻهن جي حياتيءَ بچائي وئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي فرض شناس فرزندن کي مون سميت پوري قوم خراج تحسين پيش ڪري ٿي. وزيراعظم ??يسڪيو ادارن کي راوي، چناب ۽ ستلج ۾ امڪاني ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فو?? پروف انتظامن جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ??مڪاني طور تي متاثر ٿيندڙ علائقن ۾ ماڻهن جي آگاهي ۽ وقت سر حفاظت سان ٻاهر ڪڍڻ جي تيارين جي پڻ هدايت ڪئي.