اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتح??ل تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ بلوچستان جي ترقياتي معا??لن تي خيالن جي ??ي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم جي خ??وصي هدايت تي دالبندين ايئرپورٽ جي هنگامي بنيادن تي نئين سر تعمير ۽ بحالي تي سينيٽ چيئرمين وزيراعظم کي خ??اج تحسين پيش ڪيو. سينيٽ چيئرمين وزيراعظم جي قيادت ۾ معاشي ٽيم جي آءِ ايم ايف سان معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي ڪوششن تي وزيراعظم کي خ??اج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ اقتصادي معا??لن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق، وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي ۽ فني تربيت وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما ۽ خاص معاون عطا تارڙ موجود هئا.