اسلام آباد-22 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ ليبيا جي شهر بن غازي ۾ حراست ۾ پاڪستاني شهرين جي حو??لي سان ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ چيو آهي ته پرڏيهي وزير جي هدايتن تي طرابلس ۾ پاڪستان جي ناظم الامور عا??ق علي، بن غاني ۾ حراستي مرڪز جو دورو ڪيو ۽ پاڪستان قيدين سان ملاقات ڪئي آهي. ترجمان ڇنڇر ڏينهن ان حو??لي سان جاري بيان ۾ چيو ته قيدين کي خوراڪ ۽ بنيادي ضرورتون فراهم ڪيون ويون ??هن. هن چيو ته اسان جو مشن معمول جي طبي ٽيم سان رابطي ۾ آهي. ترجمان چيو ته قيدين جي جلد واپسي لاءِ پاڪستان جو مشن آءِ او ايم سان به رابطي ۾ آهي.