اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي بلوچستان جي علائقي مستونگ ۾ ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. هن ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد ??حتيابي لاءِ دعا ڪئي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته دهشتگردي جي بزدلاڻي ڪاررواين سان قوم جا حو??لا ڪمزور نه ٿا ٿي سگهن، پورو پاڪستان د??شتگردي جي لعنت جي خلاف متحد آهي. هن چيو ته دهشتگرد عنصر ڪنهن به رعايت جا مست??ق نه آهن، سيڪيورٽي فورسز ۽ عوام جي تعاون سان د??شتگردي جي لعنت جو مڪمل خاتمو ڪنداسين.