اسلام آباد-10 آڪٽوبر (اي پي پي)تعلي?? ۽ ??يشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي و??ير مدد علي سنڌي چيو آهي ته پاڪستان جي ترقيءَ جو راز هنرمندي جي تعليم ۽ تربيت ۾ ئي آ??ي. ??هڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل اسڪلز يونيورسٽي اسلام آباد ۾ وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم تحت اهل شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته عالمي چئلينجن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته سمورن ص??بن ۾ وڌيڪ اسڪلز ڊولپمينٽ جا ادارا بنايا وڃن جتي شارٽ ڪورسز تحت نوجوانن کي پاڻڀرو بڻائي سگهجي. وفاقي و??ير چيو ته پاڪستان جي مستقبل جو دارومدار هنرمندي جي اعليٰ تعليم ۽ تربيت سان ڳنڍيل آهي، ڇاڪاڻ ته هي اها تعليم آهي جنهن سان نوجوان نسل پنهنجي لاءِ روزگار جا موقعا ڳولي ملڪ جي ترقيءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگ??ي ٿو. ان موقعي تي نيشنل اسڪلز يونيورسٽي اسلام آباد جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد مختار نگران وفاقي و??ير جي آجيان ڪئي ۽ يونيورسٽي جي شروع کان هاڻي تائين جي ارتقائي سفر ۽ يونيورسٽيءَ جي ڪاميابين تي روشني وڌي.