اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ڪالهه اربع ڏينهن جده ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي هنگامي وزارتي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اهو اجلاس پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏيل طور تي گهرايو هو جنهن ۾ غزه جي بحران ۽ اتي محصور شهرين جي انساني صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پنهنجي بيان ۾ نگران پرڏيهي وزير غزه تي اسرائيلي جارحيت ۽ غيرانساني ناڪابندي جي شديد مذمت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ فوتگيون، تباهي ۽ ماڻهو بي گهر ٿي رهيا آهن. هن گذريل ڏينهن غزه جي هڪ اسپتال تي اسرائيلي حملي ۾ بيگناهه شهرين جي قتلام جي مذمت ڪئي. هن ان ڳالهه تي زو?? ڏنو ته اسرائيلي قابض فوج عالمي انساني حقن جي قانونن جي واضح ??لا?? ورزي ڪري رهي آهي ۽ ان جو طاقت جو انڌاڌنڌ ۽ غيرمتناسب استعمال جنگي ڏوهه ۽ انسانيت جي ??لا?? ڏوهن جي برابر آهي. هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها اسرائيل کان ان ڏوهه جو پُڇاڻو ڪري. نگران پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زو?? ڏنو ته اسرائيل کي فوري طور تي جنگ بندي، غزه جو گهيراءُ ختم ڪرڻ ۽ فلسطينين کي انهنجي گهر?? مان زوري ڪڍڻ واري دهشتگردي جي مهم جو فوري خاتمو ڪرڻ گهرجي. هن غزه ۾ تيز رفتار، محفوظ ۽ غيرمحدود انساني ۽ امدادي سامان جي فراهمي جي لاءِ انساني همدرديءَ جي لنگهن جي فوري ضرورت تي پڻ زو?? ڏنو. نگران پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زو?? ڏنو ته تازي تڪرار جو بنيادي سبب ٻه رياستي حل تي عملدرآمد نه ٿيڻ آهي. هن فلسطيني عوام ۽ انهن جي خودمختياري جي حق جي لاءِ پاڪستان جي يڪجهتي ۽ حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن جون 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي ۽ الق??س الشريف کي ان جو گادي وارو شهر قرار ڏيندي فلسطين جي هڪ قابل عمل، محفوظ، لڳولڳ ۽ خودمختيار رياست جي جلد قيام تي زو?? ڏنو. ان موقعي تي نگران پرڏيهي وزير گيمبيا، ايران، ڪويت، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزيرن سان پڻ ملاقاتون ڪيون.