اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) پرنسپل انفارميشن آفيسر (پي آءِ او) ڊاڪٽر طارق محمود خان چيو آهي ته اشتهارن جي من??فاڻي ورڇ کي يقيني بڻايو پيو وڃي. جاري ڪيل پڌرائي موجب اها ڳالهه هن من??ور سلهري جي قيادت ۾ ربجا (جاويد گروپ) سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. وفد ڊاڪٽر طارق محمود خان کي پي آءِ او جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ کيس اخبارن کي درپيش اگهه، ادائيگين جي انفراسٽرڪچر ۽ بلنگ جي مسئلن کا?? آگاهه ڪيو. ان مو??عي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر وفد کي يقين ڏياريو ته اخبارن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته موجوده درپيش ملڪي معاشي چئلينجز جي باوجود اخبارن جون رهتون ڪليئر ڪرڻ جي من??وبابندي ڪري رهيا آهيون جڏهن ته اشتهارن جي من??فاڻي ورڇ کي يقيني بڻايو پيو وڃي. وفد ۾ حافظ محمد طاهر، عبدالعزيز بٽ، ملڪ زمرد اعواڻ، ذيشان قيوم، ذوالفقار علي ۽ طارق خان شامل هئا.