اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آئي) جي صلاحيت مان فائدو کڻي پنهنجي اقتصادي صورتحال بدلائي سگهي ٿو، سي پيڪ منصوبي ??ان ملڪ جي لاءِ ترقي جون نيون راهون کليون آهن، ملڪ ۾ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ٿيا، بي آر آئي منصوبي ??ان نه رڳو چين، پاڪستان پر پورو خطو ترقي ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سي جي ٽي اين ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. هن چيو ته آئون اميد ڪريان ٿو ته پاڪستان بي آر آئي قدمن ??ان ان سفر ۾ هڪ اهم حصيدار هوندو، پاڪستان کي بي آر آئي ??ان تمام گهڻو فائدو ملي سگهي ٿو، هي هڪ موقعو ا??ان جي دروازي تي دستڪ ڏئي رهيو آهي، چيني صدر ان موقعي کي حاصل ڪرڻ جي ترغيب ڏئي رهيو آهي ۽ اميد آهي ته ا??ان ان منصوبي مان مڪمل فائدو کڻنداسين. چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) منصوبي جي حوالي ??ان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سي پيڪ جي پهرين مرحلي ۾ گوادر پورٽ، سي پيڪ روٽ ۽ فضائي رابطن کانسواءِ توانائي جا منصوبا شامل آهن، سي پيڪ جي شروعات کان اڳ پاڪستان کي توانائي جي کوٽ درپيش هئي جڏهن ته ميگا منصوبن تحت اٽڪل 8 هزار ميگاواٽ بجلي قومي گرڊ ۾ شامل ڪئي وئي. نگران وزيراعظم چيو ته سي پيڪ تحت منصوبن ??ان عام ماڻهن خاص طور تي بلوچستان صوبي ??ان تعلق رکندڙن ۾ ان جا مثبت نتيجا سامهون آيا آهن، اميد آهي ته ٻئي مرحلي ۾ خصوصي اقتصادي زونز، صنعتي شعبي جي تبديلي ۽ اسٽريٽجڪ جي لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيندو، ان ??ان پاڪستان ۾ نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ انفراسٽرڪچر ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. نگران وزيراعظم چيو ته بي آر آئي عالمي رابطي، سامونڊي ۽ زميني رابطن کي ان حد تائين وڌائڻ ۾ مددگار ٿيندو جنهن جو مثال انساني تاريخ ۾ نه ٿو ملي. هن چين جي علائقي سنڪيانگ جي پنهنجي تازي دوري جي حوالي ??ان پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته پاڪستان جي اترئين علائقن گلگت بلتستان ??ان ڳنڍيل علائقو هجڻ جي ڪري سنڪيانگ پاڪستان جي لاءِ اهم آهي، ا??ان ان رابطي جي ذريعي نه رڳو هن خطي پر پاڪستان جي ٻين علائقن ۾ پڻ سياحت کي فروغ ڏئي سگهون ٿا. هن چيو ته چين سلامتي، سياست ۽ معيشت جي شعبن ۾ پاڪستان جو فطري ۽ اعتماد جوڳو اتحادي آ??ي. ??ن ٻطرفي ثقافتي مٽاسٽا، عوامي سطح تي رابطن، سياحت ۽ ٻنهي مل??ن جي ميڊيا هائوسز جي تعاون کي فروغ ڏيڻ ??ي ضرورت تي زور ڏنو. ميزبان نگران وزيراعظم کي ياد ڏياريو ته انهن جي چيني ميڊيا گروپ تازو ئي پاڪستان جي خابرو ايجنسي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ??ان گڏيل تعاون جي معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن جنهن تي نگران وزيراعظم چيو ته اهو هڪ اهم معاهدو آهي ڇو ته مختلف ميڊيا ذريعن ۽ ثقافتي ادارن جي لاءِ ڊيجيٽل، اليڪٽرانڪ اسپيس ۽ مواد جي تخليق جي لاءِ اسٽريٽجڪ موقف ??ي ضرورت آ??ي. ??گران وزيراعظم چيو ته شي جن پنگ هڪ دانشمند ان??ان آهي، سندس قيادت ۾ ا??ان کي ترقي جون وڌيڪ منزلون حاصل ڪرڻ گهرجن، ا??ان سندس تجربي مان فائدو کڻڻ جا خواهشمند آهيون.