اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تيز ۽ پائيدار ملڪي ترقي جي ل??ءِ فڪري ۽ تعليمي ترقي تي ڌيان ڏيڻ تي زور ڏيندي ??يو آهي ته شاگرد هنرمندي، آن لائين ۽ فاصلاتي تعليم مان ڀرپور فائدو کڻن، شاگرد انفارميشن ٽ??ڪن??لاجي، مصنوعي ذهانت جي شعبي تي خاص ڌيان ڏين. هو بلوچستان ريزيڊنشل ڪاليج لورالائي جي تعليمي دوري تي آيل شاگردن جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو ته قدرتي وسيلن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي ل??ءِ انساني وسيلن تي سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي، بلوچستان جي انساني وسيلن جي ترقي تي ڌيان سان ئي تيز رفتار ترقي ممڪن آهي. هن ??يو ته انفارميشن ٽ??ڪن??لاجي ۽ مصنوعي ذهانت جو هر شعبي ۾ استعمال وڌي رهيو آهي، انفارميشن ٽ??ڪن??لاجي جي شعبي جي فروغ سان پاڪستان مختصر مدي ۾ معاشي ترقي ڪري سگهي ٿو. هن ??يو ته بلوچستان جا شاگرد محنت ۽ لگن سان علم حاصل ڪن، شاگرد نصاب کانسو??ءِ ڪتاب پڙهڻ ۽ علم حاصل ڪرڻ تي ڌيان ڏين، ماضي ۾ علم حاصل ڪرڻ مشڪل هو، جديد ٽ??ڪن??لاجي سان علم تائين پهچ وڌي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو ته بلوچستان قدرتي وسيلن جي دولت سان مالامال آهي، ترقي جي ل??ءِ قدم کنيا پيا وڃن. وفد صدر کي بلوچستان جي تعليمي شعبي ۾ ڪاليج جي خدمتن بابت آگاهه ڪندي ٻڌايو ته ڪاليج جا فارغ ٿيندڙ سوين شاگرد طب، انجنيئرنگ، سول سروس، دفاع، قانون ۽ ڪاروبار سميت مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. صدر بلوچستان ۾ تعليم جي فروغ ۾ ڪاليج جي ڪردار کي ساراهيو.