اسلام آباد-09 جنوري (اي پي پي)قومي صحت واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان چ??و آهي ته ??اڪستان تاريخ ۾ پهريون ڀيرو گلوبل هيلٿ سيڪيورٽي سمٽ منعقد ڪري ره??و آهي جنهن ۾ 70 کان وڌيڪ ملڪن جا نمائندا شرڪت ڪري رهيا آهن، اسان دنيا کي ثابت ڪري رهيا آهيون ته ??اڪستان ليڊ ڪري سگهي ٿو، سمٽ سان غريب ۽ اسرندڙ ملڪن لا??ِ هڪ جامع مڪينزم جوڙيو ويندو، پاڪستان صحت جي شعبي ۾ عالمي معيار طرف وڌي ره??و آهي، پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو صحت جي نظام کي مضبوط رکڻ جو بنياد رکي ڇڏ??و آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان چيو ته ??اڪستان تاريخ ۾ پهريون ڀيرو گلوبل هيلٿ سيڪيورٽي سمٽ منعقد ڪري ره??و آهي جنهن ۾ 70 کان وڌيڪ ملڪن جا نمائندا شرڪت ڪري رهيا آهن، نگران وزيراعظم 10 جنوري تي سمٽ جو باقاعده آغاز ڪندو. عالمي ڪانفرنس ۾ سڄي دنيا جي صحت جي شعبي جا ماهر شرڪت ڪندا. سڄي دنيا مان صحت وارا وزير، ڊونرز ۽ سفارتڪارن جي شرڪت اعزاز جي ڳالهه آهي. هن چيو ته اسان دنيا کي ثابت ڪري رهيا آهيون ته ??اڪستان ليڊ ڪري سگهي ٿو، گلوبل هيلٿ سيڪيورٽي سمٽ منعقد ڪرڻ جي ذريعي دنيا جي مفاد جو بنياد رکي رهيا آهيو??، صحت جي شعبي کي اج??گر ڪرڻ لا??ِ گلوبل هيلٿ سيڪيورٽي سمٽ منعقد ڪئي پئي وڃي، سمٽ جو بنيادي مقصد وبائن ۽ قدرتي آفتن کان صحت کي محفوظ بڻائڻ آهي، دنيا ۾ ايندڙ نسلن کي محفوظ بڻائڻ لا??ِ متفقه لا??حه عمل طئي ڪيو ويندو. ڊاڪٽر نديم جان چيو ته ڪانفرنس ۾ ويڪسين ۽ امداد جي برابر ورهاست لا??ِ حڪمت عملي جوڙي ويندي، سمٽ ۾ صحت کي درپيش خطرن ۽ محفوظ دنيا لا??ِ پلان جوڙيو ويندو، گلوبل هيلٿ سمٽ پاڪستان جي صحت جي شعبي لا??ِ گيم چينجر ثابت ٿيندي، پاڪستان صحت جي شعبي ۾ عالمي معيار طرف وڌي ره??و آهي، هن چيو ته ڪنهن وبا جي صورت ۾ پاڪستان جو ڳاڻيٽو خطرناڪ ملڪن ۾ نه ڪيو ويندو، عالمي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ سان پاڪستان جو آواز دنيا ۾ ٻڌو ويندو. هن چيو ته انشاءُ الله اسان جي منزل سبز پاسپورٽ جي عزت بحال ڪرائڻ آهي، ڪنهن به وبا يا بيماري کي روڪڻ لا??ِ ويڪسين سڀني کان اهم ضرورت هوندي آهي. ڪورونا جي علامي وبا جي نتيجي ۾ سڄي دنيا ۾ صحت جو نظام شديد متاثر ٿيو، مالي ۽ جاني نقصان ٿيو ڇاڪاڻ ته ??با کي منهن ڏيڻ لا??ِ تيار نه هئي. هن چيو ته ان تجربي کي نظر ۾ رکندي سڄي دنيا سان گڏجي جامع حڪمت عملي ۽ منصوبابندي تحت سڄي دنيا جي صحت جي نظام کي مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا. غريب ملڪ جيڪي وبا کي منهن ڏيڻ جي سگهه نٿا رکن، امير ملڪن جو ان ۾ ڪهڙو ڪردار هوندو، ان تي بحث ٿيندو ۽ هڪ لا??حه عمل جوڙيو ويندو. پاڪستان کي صحت جي نظام جي مضبوطي لا??ِ ڊونرز جي پويان ڀڄڻو نه پوندو، سمٽ سان انٽرنيشنل ڊونرز جو پاڪستان تي اعتماد وڌندو، پاڪستني قوم ۾ وڏي صلاحيت آهي، هڪ سياسي پختي عزم ۽ ليڊرشپ جي ضرورت آهي، هن چيو ته ??حدود وسيلن باوجود پاڪستان ڪورونا جي وبا جو ڀرپور طريقي سان مقابلو ڪيو ۽ بهترين جامع حڪمت عملي سبب شاندار ڪاميابيون حاصل ڪيون جنهن تي دنيا به اسان جي ڪاميابين کي مڃي ٿي.