اسلام آباد-16 جنوري (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو سان آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ??لا??ات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي فض??ئي فوجن وچ ۾ گڏيل فض??ئي مشقن ذريعي سهڪار ۽ تربيتي شعبي کي هٿي وٺرائڻ تي اتفاق ڪيو. هنن پاڪ فضائيه ۽ آمريڪي فضائيه وچ ۾ تربيتي شعبي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ فني صلاحيتن ۽ وفدن جي ڏي وٺ جي اهميت تي زور ڀريو. ??لا??ات ۾ پاڪ فضائيه طرفان تازو ئي قائم ڪيل ٽيڪنو پارڪس ۾ سهڪار تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ آپريشنل تيارين ۽ ڪارڪردگيءَ کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ فني ترقي کي ڪتب آڻڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ??لا??ات ۾ گڏيل لاڳاپن کي هٿي ڏئي گڏيل منصوبن ۽ شراڪتداريءَ لاءِ گڏيل سهڪار جي دائره ڪار جي نئين سر تنظيم ۽ ان مقصد لاءِ نيون راهو?? استوار ??رڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايئر چيف پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ پهريان کان موجود خوشگوار لاڳاپن جو احاطو ڪندي ٻنهي اتحادي ملڪن وچ ۾ پهريان کان موجود هم آهنگي ۽ شراڪتداريءَ کي نئين بلندين تائين پهچائڻ جي پنهنجي ڀرپور عزم جو ورجاءُ ڪيو. هو??ئي فوج جي سربراهه وڌيڪ چيو ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي مضبوط سفارتي، اقتصادي ۽ دفاعي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو جيڪي علائق??ئي امن، سلامتي ۽ استحڪام بابت سڀني اهم معاملن ۾ گڏيل اتفاق راءِ تي قائم آهن. آمريڪي سفير پاڪ فضائيه جي اهلڪارن جي پيشوراڻي مهارتن جي تعريف ڪئي ۽ـ موجوده عسڪري قيادت جي س??ئي ۾ پاڪ فضائيه طرفان پاڻڀرو ٿي ميدان ۾ ڪيل نمايان اڳڀرائين کي ساراهيو. آمريڪي سفير علائق??ئي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي غير متزلزل عزم جي به تعريف ڪئي. ٻنهي اڳواڻن تربيتي شعبي جي بهتري ۽ـ آپريشنل صلاحيتن کي هٿي وٺرائڻ تي خاص توجهه ڏيندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ موجوده عسڪري لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بنائڻ تي اتفاق ڪيو. پاڪ فضائيه جي سربراهه ۽ آمريڪي سفير وچ ۾ اها ??لا??ات پُراڻي ٻه طرفن لاڳاپن ۽ دفاعي شراڪتداريءَ کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ ٻنهي پاسن جي عزم جو پاڻ ڳالهائيندڙ ثبوت آهي.