اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارليام??ني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان ۽ ايران جي گڏيل پريس بيان جي آجيان ڪندي چ??و آهي ته نگران پرڏيهي ??لي?? عباس جيل??ني پنهنجي ڏاهپ سان پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ پارليام??ني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته سفارتي تاريخ ۾ تيزي سان ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جو سمورو ڪريڊٽ نگران پرڏيهي وزير ??لي?? عباس جيل??ني ڏانهن وڃي ٿو، نگران پرڏيهي وزير ??ڏي ڏاهپ سان پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اطلاعات ۽ پارليام??ني معاملن واري نگران وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پاڪستان ۽ ايران جي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جي حوالي سان پرڏيهي معاملن واري وزارت جي پريس ريليز پڻ شيئر ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ ايران ٻنهي ملڪن جي سفيرن جي 26 جنوري 2024ع تائين پنهنجي پنهنجي عهدن تي واپسي تي اتفاق ٿ??و آهي. بيا?? موجب نگران پرڏيهي وزير ??لي?? عباس جيل??ني جي دعوت تي ايران جو پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان 29 جنوري 2024ع تي پاڪستان جو دورو ڪندو.