اسلام آباد – 19 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان جي عوام 8 فيبروري تي راءِ جو حق استعمال ڪندي ورهايل مينڊيٽ ڏنو آهي، پرتشدد روين جو رڪارڊ رکندڙ ڪجهه عنصر سرڪاري مل??زم?? کي بليڪ ميل ڪرڻ ۽ پاڪستان رياست کان انهن جي و??اد??ري مٽائڻ جي لاءِ انهن تي دٻاءُ وجهڻ جي لاءِ سوشل ميڊيا کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ سميت مختلف حربا استعمال ڪري ر??يا آهن، پاڪستان رياست پنهنجا آئيني فرض سرانجام ڏيڻ ۾ سرڪاري مل??زم?? جو دفاع ڪندي ۽ انهن پرتشدد ٽرولز جي خلاف ڪارروائي ڪندي ۽ انهن ک?? مثالي سزا ڏياريندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري هڪ بيان ۾ نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي عوام 8 فيبروري تي واضح طور تي راءِ جو حق استعمال ڪندي ورهايل مينڊيٽ ڏنو آهي. نگران وزيراعظم چيو ته پرتشدد روين جو ثابت ٿيل رڪارڊ رکندڙ ڪجهه عنصر سوشل ميڊيا کي بليڪ ميلنگ جي لاءِ هٿيار طور اختيار ڪرڻ سميت هاڻي مختلف حربا استعمال ڪري ر??يا آهن ۽ سرڪاري مل??زم?? جون و??اد??ريون پاڪستان رياست تان هٽائي پرتشدد گينگ طرف ڪرڻ جي لاءِ دٻاءُ جا حربا استعمال ڪري ر??يا آهن. نگران وزيراعظم چيو ته اهي حربا آرٽيڪل 5 سميت آئين جي ٻين آرٽيڪلز ۽ ملڪي قانونن جي واضح خلاف ورزي آهن. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان رياست پنهنجون آئيني ذميواريون سرانجام ڏيڻ جي لاءِ سرڪاري مل??زم?? جو دفاع ڪندي، انهن پرتشدد ٽرولز جي خلاف ڪارروائي ڪندي ۽ انهن ک?? مثالي سزائون ڏيارڻ کي يقيني بڻائيندي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ رياست جي خدمت ڪندڙ انهن عظيم سرڪاري مل??زم?? جي دفاع لاءِ اسان جي عزم ۾ ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي.