اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته و??اق?? حڪومت چئني صوبن بشمول خي??رپ??تونخواهه سان هم آهنگي سان ڪم ڪرڻ ۽ رابطا مضبوط بڻائڻ تي يقين رکي ٿي، چار ئي صوبا گڏجي هلندا ته ملڪ ترقي ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن خي??رپ??تونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف وزيراعظم هائوس اچڻ تي خ????رپ??تونخواهه جي وڏي وزير جي آجيان ڪندي چيو ته چار ئي صوبا ??فاق جون اڪائيون آهن، چار ئي صوبا گڏجي هلندا ته ملڪ ترقي ڪندو. خي??رپ??تونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور وزيراعظم کي خ????رپ??تونخواهه صوبي جي انتظامي معاملن تي تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي معاشي صورتحال کي نظر ۾ رکندي خ????رپ??تونخواهه جا سمورا جائز مطالبا ??ورا ڪيا ويندا. هن چيو ته اسان کي گڏجي ويهي سمورن مسئلن جو حل ڪڍڻو پوندو، اسان جي سمورين گڏيل ڪوششن ۾ عوامي ڀلائي اولين ترجيح هوندي. وزيراعظم چيو ته و??اق?? حڪومت چئني صوبن بشمول خي??رپ??تونخواهه سان هم آهنگي سان ڪم ڪرڻ ۽ رابطا مضبوط بڻائڻ تي يقين رکي ٿي. خي??رپ??تونخواهه جي وڏي وزير پڻ ان عزم جو اظهار ڪيو ته خي??رپ??تونخواهه جي حڪومت سٺي نيت سان اڳتي وڌڻ چاهي ٿي ۽ ملڪي ترقي ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع وارو و??اق?? وزير خواجه محمد آصف، منصوبابندي ۽ ترقي وارو و??اق?? وزير احسن اقبال ۽ رياستي ۽ سرحدي معاملن واري و??اق?? وزير امير مقام ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.