اسلام آباد-29 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ اسپيڪر لاءِ نامزد اميدوا?? سردار اياز صادق چيو آهي ته ا??م ڪيو ايم پاڪستان وزيراعظم، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي عهدن لاءِ ووٽ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي. حڪومتي اتحادي پارٽين جي وفد اتحادي پارٽي ا??م ڪيو ايم پاڪستان جي وفد ??ان ملاقات ڪئي. وفد ۾ سردار اياز صادق، عليم خان، صادق سنجراڻي، يوسف رضا گيلاني، خورشيد شاهه ۽ خالد مگسي شامل هئا. ملاقات کانپوءِ سردار اياز صادق چيو ته حڪومتي اتحادين ا??م ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن ??ان ملاقات ڪئي، ا??م ڪيو ايم پاڪستان وزيراعظم، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي عهدن لاءِ ووٽ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي ۽ اڳتي سڀني کي گڏجي هلڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي، صدر ۽ سينيٽ چيئرمين جي ووٽ لاءِ به ا??م ڪيو ايم وٽ وينداسين، مسلم ليگ (ن) جي ا??م ڪيو ايم جي مقامي آئيني ترميم بابت مطالبي کي تسل??م ڪيو ويو آهي، ا??م ڪيو ايم جي مطالبي تي پيپلزپارٽي ۽ ٻين اتحادي دوستن ??ان ويهي لائحه عمل ٺاهينداسين. هن چيو ته ماڻهن جي بهتري لاءِ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جو پليٽ فارم استعمال ڪنداسين، خالد مقبول صديقي چيو ته جمهوريت هڪ تسلسل ??ان اڳتي وڌي رهي آهي، جمهوريت جا ثمر عوام تائين پهچائڻ گهرجن جنهن لاءِ پاڪستان جي آئين جي مدد وٺن جي ڪوشش ڪئي آهي، پاڪستان جي آئين موجب عوام جي حقن لاءِ جڳهه ۽ گنجائش هجڻ گهرجي، پاڪستان مسلم ليگ (ن) ا??ان جي ان ڳالهه ??ان اتفاق ڪيو آهي ته ا??ان جمهوريت کي ڊي ريل ٿيڻ نٿا چاهيون، جڏهن ته عوام جي شرڪت پاڪستان جي جمهوريت ۾ نه هوندي ته جمهوريت مضبوط نه ٿيندي، ا??ان واعدو ڪيو آهي ته انشاءُ الله ووٽ ڏينداسين.