اسلام آباد – 08 – جولائي (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف اسلامي جمهوريه ايران جي نئين چونڊيل صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي تي کيس دلي مبارڪباد ڏني. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم ايران جي س??ريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ جمهوري عمل جي ذريعي نئين صدر جي چونڊ تي کيس ۽ ايران جي ڀائر عوام کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته ڀائر ??اڙيسري ملڪن جي حيثيت سان پاڪستان ۽ ايران گڏيل تاريخ، مذهب، ثقافت ۽ روايتن جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل آهن. ايران جي نئين چونڊيل صدر جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي و??ير??عظم چيو ته هو پاڪستان ايران لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ واپار، توانائي ۽ علائقائي س??امتي س??يت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ ان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو منتظر آهي. ان حوالي سان و??ير??عظم چيو ته اپريل 2024ع ۾ مرحوم صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي جي تاريخي دوري دوران ٻنهي ملڪن پاران گڏيل طور تي ڪيل فيصلن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل لاڀائتي تعاون تي ٻڌل حصيداري جو هڪ بهترين بنياد رکيو هو. ايران جي نئين چونڊيل صدر پيز شڪيان ٻنهي ڀائر ??لڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي مبارڪباد تي و??ير??عظم جا ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن علائقائي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ويجهي رابطي ۽ مشاورت جاري رک?? تي اتفاق ڪيو. اها ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ دوستي ۽ ڀائيچاري جي مضبوط رشتن ۽ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي فروغ جي لاءِ ان جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿي.