اسلام آباد – 15 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري کي زمبابوي، تاجڪستان، روانڊا، ارجنٽائن، ميانمار، ڪمبوڊيا ۽ بوٽسوانا جي سفيرن سندون پيش ڪيون ۽ جدا جدا ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ان موقعي تي چيو ??ه پاڪستان ۾ سيڙ??ڪا??ي جا وسيع موقعا موجود آهن، دوست ملڪ پاڪستان جي سيڙ??ڪا??ي دوست ماحول مان فائدو کڻن، غيرملڪي سيڙ??ڪا?? پاڪستان جي زراعت، لائيو ??سٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، توانائي ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبن ۾ سيڙ??ڪا??ي جا موقعا ڳولين، پاڪستان سمورن دوست ملڪن سان واپار، سيڙ??ڪا??ي ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. هن چيو ??ه پاڪستان اقتصادي تعاون وڌائڻ، دوست ملڪن سان واپاري ڪاٿي کي ڀرپور صلاحيت موجب وڌائڻ کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. صدر اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ ڪاروباري برادرين جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ تي زور ڏنو. صدر آصف علي زرداري سفيرن کي پاڪستان ۾ بطور سفير مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني. هن اميد ظاهر ڪئي ته نامزد سفير گڏيل طور تي لاڀائتي تعاون کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. ان کان اڳ سفيرن کي ايوان صدر پهچڻ تي پاڪستان جي هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.