اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف بنگلاديش ۾ تازي ??وڏ واري صورتحال تي بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽر مح??د يونس کي خط ۾ پاڪستان پاران مدد جي آڇ ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مح??د شهباز شريف چيو ته بنگلاديش ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ واري صورتحال تي دلي ??ک آهي، هِن ڏُک واري گهڙيءَ ۾ مون سميت پوري پاڪستاني قوم جون همدرديون بنگلاديشي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهن. هن چيو ته مشڪل وقت ۾ بنگلاديش ۽ بنگلاديشي شهرين جن جا پيارا ٻوڏ ۾ وڇڙي ويا، گهر ۽ روزگار تباهه ٿيا، سان گڏ بيٺل آهيون، بنگلاديشي عوام مشڪلاتن ۾ پنهنجي حوصلي ۽ همت جي لاءِ سڃاڻي وڃي ٿي. وزيراعظم چيو ته پراميد آهيان ته بنگلاديش توهان جي قيادت ۾ هن مشڪل مان جلد نڪري ايندو، پاڪستان هن مشڪل وقت ۾ هر طرح سان بنگلاديش جي مدد جي لاءِ تيار آهي.