فيصل آباد-11 آڪٽوبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد چيو آ??ي ته هن وقت پاڪستان ۾95 ملين ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، انهن ??ي پينو فقير بڻائڻ بدران روزگار ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، گهٽ پڙهيل لکيل ڇوڪرين کي سلائي جون مشينون ڏئي روزگار سان لڳائڻ جا قدم جاري آهن، پاڪستان اسان سڀني جو آ??ي، ان لاءِ سڀني کي گڏجي ان جي ترقي لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو ويزن هو، 2008ع ۾ پي پي پي اقتدار ۾ اچي ان پروگرام جي باقاعده شروعات ڪئي، صدر آصف علي زرداري کي به ان ڳالهه جو ڪريڊٽ وڃي ٿو ته هن بسپ ۾ گهريلو عورت کي گهر جو سربراهه مقرر ڪيو ۽ هن وقت بسپ ۾ 93 لک عورتون رجسٽرڊ آهن جڏهن ته بسپ ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي داخلا لاءِ بي فارم لازمي آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن فيصل آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري اچڻ جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر روبينه خالد چيو ته جيستا??ين مستحقن جي حقيقي انگ جو پتو نه پوندو تيستا??ين ان حوالي سان منصوباسازي ناممڪن آهي. هن ??يو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ڪو چيئرٽي پروگرام ناهي پر هي انهن ماڻهن لاءِ مددگار قدم آهي جن جي آمدني گهٽ آهي ۽ انهن جي پئسن مان گهر نٿو هلي سگهي. هن ??يو ته جن گهراڻن جا خرچا آمدني کان وڌي ويندا آهن هي انهن ??هراڻن لاءِ سپورٽ آهي. چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد چيو ته بسپ ۾ داخل عورتن جا ٻار جيڪڏهن تعليم حاصل ڪن ۽ انهن جي حاضري 70 سيڪڙو هجي ته کين تعليمي وظيفا ڏنا ويندا آهن جڏهن ته بينظير نشو نما پروگرام به جاري آهي. هن ??يو ته هر رياست جو ڪم آهي ته هو پنهنجي غريبن جو ڀرجهلو ٿئي، ان طرح جا پروگرام پوري دنيا ۾ جاري آهن، اسان امداد حاصل ڪندڙ عورتن جي ٻارن کي اسڪولن ۾ وظيفا به ڏيندا آهيون جڏهن ته ڪيترن ئي ملڪن اسان جي ان پروگرام کي ساراهيو آ??ي، اسان ان پروگرام تحت اسڪل ٽريننگ به شروع ??ري رهيا آهيون ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ اسڪل جي گهرج آهي تنهن ??ري اسان به اسڪل ڊولپمينٽ شروع ??ري ماڻهن ??ي باعزت روزگار شروع ??رڻ جي قابل بڻائي سگهون ٿا ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ??هر جو هڪ فرد به هنرمند هوندو ته هو پوري گهراڻي جي باعزت پرورش ڪري سگهندو. سينيٽر روبينه خالد چيو ته اسان چاهيون ٿا ته اهڙي اسڪل ٽريننگ شروع ??ئي وڃي جنهن جي نه رڳو ملڪ اندر پر پرڏيهه ۾ به زبردست گهرج هجي. هن ??يو ته اسان جو سسٽم بئنڪ ذريعي آهي ۽ اسان هن ??يري هڪ نئون طريقيڪار متعارف ڪرائيندي 6 بئنڪن کي ان ۾ شامل ڪيو آ??ي جڏهن ته ايزي پئسن ذريعي به عورتن کي پئسا ڏنا پيا وڃن.