اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بنون ۾ دهشتگردن جي خلاف آپريشن ۾ شهادت ماڻيندڙ پاڪ فوج جي جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي سيڪيور??ي فورسز وطن جي دفاع جي خاطر هر دم چوڪس آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري ميجر عاطف خليل، نائيڪ آزاد الله ۽ لانس نائيڪ غضنفر عباس کي قوم پاران سلام پيش ڪيو. هن چ??و ته پاڪ فوج جي جوانن خوارج جي خلاف بهادري سان وڙهندي شهادت ماڻي. صدر چيو ته سڄي قوم فتنه الخوارج جي خلاف پنهنجي فورسز سان گڏ آهي. صدر آصف علي زرداري بنون ۾ شهادت ماڻيندڙ جوانن جي لاءِ دعا ڪئي. هن شهيدن جي پونئيرن سان همدرد??ءَ جو اظهار ڪندي انهن جي لاءِ ص??ر ??ي دعا ڪئي.