اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) آءِ ٽي بابت مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه سان پاڪستان ۾ الجيريا جي سفير ابراهيم روماني ملاقات ڪئي. هتي جاري بيان موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن، اسٽارٽ اپس، سائبر سيڪيورٽيءَ جي مي??ان ۾ ناتن کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهائيندي مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان الجيريا سان ناتن کي وڏي قد?? جي نگاهه سان ڏسي ٿو. پاڪستان، الجيريا جي آءِ ٽي، ٽيليڪام سيڪٽر ۾ ناتا تمام اهم آهن، الجريا، پاڪستان جي ٽيڪ جي مي??ان ۾ تجربن مان فائدو کڻي سگهي ٿو. شزه فاطمه چيو ته پاڪستان، الجيريا وچ ۾ اسٽوڊن??س، اسٽارٽ اپس، انٽر پرينيوئر جي مٽاسٽا ٻنهي ملڪن لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي. پاڪستان، الجيريا جي نوجوانن لاءِ آءِ ٽي ٽريننگ پروگرامز جو بندوبست ڪري سگهي ٿو. شزه فاطمه چيو ته آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام جي حوالي سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ جوائنٽ ورڪنگ گروپ جو هئڻ تمام ضروري آهي. چاهيو?? ٿا ته پاڪستان، الجيريا جي ٽيڪ ڪمپنين، اسٽارٽ اپس جو گڏيل سيمينار جلد منعقد ٿئي. الجيريا جي سفير چيو ته سندس ملڪ پاڪستان سان آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام سيڪٽر ۾ ناتن ۾ واڌ جو خواهشمند آهي. پاڪستان جي آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام سيڪٽر ۾ ترقي تعريف جوڳي آهي.