اسلام آباد -10 نومبر (اي ??ي ??ي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ج?? ڪاميابي اسا?? جي رانديگر?? جي شاندار اتحاد ۽ ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي، دعا آهي ته اها ڪاميابي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ هڪ عظيم ۽ شاندار دور جي شروعات هجي. وزيراعظم گذريل ڏينهن پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته پاڪستا?? جي ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ هي وڏو ڏينهن آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي آسٽريليا خلاف ون ڊي سيريز جي تاريخي ڪاميابي تي مبارڪون ڏيان ٿو. 22 سالن کان پوءِ پاڪستان آسٽريليا کي سندن هوم گرائونڊ تي شڪست ڏني ۽ اها به شاندار طريقي سان. وزيراعظم چيو ته چيئرمين محسن نقوي جي اڳواڻي ۾ ڪوچنگ اسٽاف ۽ پي سي بي جي ڪوششن سان گڏوگڏ هي ڪاميابي اسا?? جي رانديگر?? جي شاندار اتحاد ۽ ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي. دعا آهي ته هي پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ هڪ عظيم ۽ شاندار دور جي شروعات هجي.