اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? آهي ته شه??د اعتزاز حسن بي مثال بهادري جو مظاهرو ڪري پنهنجي اسڪول ۽ ڪلاس فيلورز کي دهشتگرد حملي کان بچائيندي پنهنجي جان ??رب??ن ڪئي، اعتزاز جي ميراث ايندڙ نسلن جي لاءِ ??شعل راهه آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شه??د اعتزاز جي ورسيءَ جي ??وق??ي تي چيو ته اڄ اسان خيبرپختونخواهه جي ضلعي هنگو سان تعلق رکندڙ پاڪ مٽيءَ جي فرزند شه??د اعتزاز حسن جي شهادت کي ياد ڪري ڏکويل آهيون جنهن جي غيرمعمولي جرئت اسان جي لاءِ اميد جو ڏيئ?? آهي. وزيراعظم چيو ته رڳو 15 سالن جي عمر ۾ اعتزاز بي مثال بهادري جو مظاهرو ڪيو ۽ پنهنجي اسڪول ۽ ڪلاس فيلوز کي دهشتگرد حملي کان بچائيندي پنهنجي جان ??رب??ن ڪئي. هن چيو ته اعتزاز جو بي لوث ۽ پختو عزم اسان کي ياد ڏياري ٿو ته همت ۽ بهادري جو هڪ عمل ڪيترين ئي زندگين کي بچائي سگهي ٿو، اعتزاز جي ميراث ايندڙ نسلن جي لاءِ ??شعل راهه آهي.