اسلام آباد – 02 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مولانا سميع الحق جو قتل پاڪستان کي عدم استحڪام جي ور چاڙهڻ ??ي ڪڌي سازش آهي، قوم پنهنجي اتحاد ۽ يڪجهتي سان دشمن جي انهي ڪڌي سازش کي ناڪام بڻائيندي، مولانا سميع الحق تي حملو ڪندڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي ڪيف?? ڪردار تائين پهچائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ نجي ٽي وي چ??نل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته مولانا سميع الحق کي بحريه ٽائون جي سفاري ولاز ۾ سندس گهر اندر ڇرين جا وا?? ڪري ماريو ويو جنهن جي سخت مذمت ڪريون ٿا.