نيويارڪ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ??ي ايس پي پلس با??ت عالمي ڪنوينشنز کي مڪمل طور تي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن اها ڳالهه گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي يورپ?? ڪميشن جي صدر ارسلا وان ڊيرليين سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. وزيراعظم گڏيل هدفن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ مسلسل ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون ??ي اهميت کي اجاگر ڪندي يورپي يونين سان پنهنجي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب ڳالهه ٻول??ه ۾ ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ارسلا وان کي يورپ?? ڪميشن جي ٻيهر صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ يورپي يونين جي مفادن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سندس ڪوششن کي ساراهيو. ??ي ايس پي پلس اسڪيم تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ??ي ايس پي پلس با??ت عالمي ڪنوينشنز کي مڪمل طور تي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم ۽ يورپ?? ڪميشن جي صدر جي وچ ۾ اها ملاقات عالمي معاملن تي گڏيل مفادن ۽ تعاون تي فعال رابطن ۽ تعاون جي عڪاسي ڪري ٿي.