اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان احساس راشن پورٽل، احساس لنگر، پناهه گاهه ايپس ۽ ??زي??اعظم ڪورونا رليف فنڊ ويب سائيٽ سميت ٻين (ويب سائٽس ۽ ايپس) احساس قدمن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، انهن قدمن جو مقصد ڪوويڊ 19 بابت رليف جي قدمن جي سلسلي ۾ حڪومت ۽ سول سوسائٽي جي بهتر حصيداري ۽ تعاون کي يقيني بڻائڻ آهي، اهي قدم شروع ڪرڻ جو بن??ادي مقصد ڊونرز، فلاحي ادارن ۽ سرندي وارن کي سهولت ڏيڻ سان گڏوگڏ بااختيار بڻائڻ آهي ته جيئن ڪوويڊ 19 جي صورتحال ۾ اهي حڪومت سان وڌيڪ بهتر حصيداري تح?? قدم کڻي سگهن. ان حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ??زي??اعظم عمران خان چيو ته حڪومت ڪوويڊ 19 کان معاشري جي متاثر طبقن جي مدد ۽ سپورٽ جي لاءِ عطيو ڪيل هر هڪ رپئي ??ي حوالي سان شفافيت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته حڪومت انهن لاڳاپيل ايپس ۽ ويب سائٽس کي لائونچ ڪري شفافيت جي حوالي سان ڊونرز کي اعتماد فراهم ڪري رهي آهي. نئين لائونچ ڪيل پي ايم ويب سائٽ بابت هن چيو ته ان تي سمورن فائدو کڻندڙن جي فهرست شايع ڪئي ويندي. هن واضح ڪيو ته احساس پروگرام ۾ به شفافيت کي يقيني بڻايو ويو آهي. ??زي??اعظم عمران خان ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ سندس ٽيم جي احساس ڪيش پروگرام کي ڪامياب بڻائڻ جي حوالي سان ڪوششن کي پڻ ساراهيو ۽ چيو ته پروگرام تحت رقم جي شفاف ?? موثر پهچ کي يقيني بڻايو ويو آهي.