اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان مالديپ جي صدر ابراهيم محمد صالح سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ڪوويڊ 19 جي صورتحال جي ڪري درپيش مسئلن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب وزيراعظم عم??ان خان مالديو پا??ان ڪوورنا وائرس جي وبا جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۽ معيشت سميت سياحت جي شعبي جي بحالي جي لاءِ ڪيل ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم عم??ان خان مالديپ جي صدر کي پاڪستان ۾ تازي صورتحال بابت بريف ڪيو ۽ ڪوويڊ 19 تي ضابطو آڻڻ جي حوالي سان پاڪستان حڪومت جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. هن چي?? ته پاڪستان ۾ حڪومت انساني جانين جي ت??فظ، ڪاروبار ۽ آمدني جي ذريعن کي محفوظ بڻائڻ ۽ معيشت جي بحالي تي خاص ڌيان ڏنو آهي. وزيراعظم وڌيڪ چي?? ته سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي ڪامياب رهي آهي ۽ معيشت جا وڏا شعبا ترتيبوار کوليا پيا وڃن. وزيراعظم عم??ان خان گلوبل انيشيٽيو آن ڊيٽ رليف جي حوالي سان مالديپ جي صدر کي آگاهه ڪيو جيڪو اسرندڙ ملڪن ۾ ڪورونا وبا جي سخت سماجي ۽ معاشي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ شروع ڪيو ويو آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسرندڙ ملڪن جي مالياتي وسيلن ۽ صحت جي شعبي ۾ بنيادي ڍانچي جي سهولت ۾ گهٽتائي جي ڪري ڪورونا وبا کان خاص طور تي وڌيڪ متاثر ٿيا آهن ان لاءِ اسرندڙ ملڪن ۾ خاص قدمن جي ضرورت آهي.