اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا ??هن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 613 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ??ڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪندوران 11 ماڻهو سڄي ملڪ ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا ??نهن مان 10 مريض اسپتالن ۾ جڏهن ته هڪ مريض گهر ۾ قرنطينه جي دوران ان وائرس جي ڪري فوت ٿيو، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 22 هزار 859 ڪورونا جا ٽيسٽ ڪيا ويا ??نهن مان سنڌ ۾ 8 هزار 94، پنجاب ۾ 8 هزار 933، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 162، اسلام آباد ۾ 2 هزار 800، بلوچستان ۾ 471، گلگت بلتستان ۾ 209، آزاد ڪشمير ۾ 190 ٽيسٽ ڪيا ويا، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪ??رونا مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 72 هزار 128 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪ?? به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪ??رونا لاءِ مختص ٿيل هڪ هزار 920 وينٽيليٽرز تي 130 ڪورونا جا مريض آهن، هن وقت سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 12 هزار 116 آهي، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪ??رونا جي مرضن جو تعداد 2 لک 90 ه??ار 445 آهي جنهن مان آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 212، بلوچستان ۾ 12 هزار 370، گلگت بلتستان ۾ 2 هزار 565، اسلام آباد ۾ 15 هزار 412، خيبرپختونخوا ۾ 35 هزار 401، پنجاب ۾ 95 هزار 742 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 26 هزار 743 مريض آهن.