اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) قوم?? اسيمبلي ج?? اسپيڪر اسد قيصر ۽ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ ??خالف ڌر جي ريڪيوزيشن تي قوم?? اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ تي اتفاق ڪندي چيو آهي ته مخالف ڌر جو هنگامو عوام ۽ جمهوريت جي خدمت جي ابتڙ آهي. اسپيڪر سان وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ ??لاقات ڪئي جنهن ۾ قانونسازي ۽ قومي اهميت جا اهم معاملا بحث هيٺ آيا. ملاقات ۾ مخالف ڌر جي ريڪيوزيشن تي اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ايوان جي ڪارروائ?? اسيمبلي جي قاعدن ۽ ضابطن تحت هلائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اسپيڪر چيو ته ايوان ۾ هنگامه آرائي سان نه جمهوريت جي خدمت آهي نه ئي عوام جي، اجلاس ۾ قانونسازي ۽ قومي اهميت جي اهم مسئلن کي بحث هيٺ آندو ويندو. اسد قيصر چيو ته ايوان جي ڪارروائي خوشگوار ماحول ۾ هلندي ته عوامي اهميت جا معاملا ۽ قانونسازي بهتر ان??از ۾ ڪري سگهجي ٿي، عوام جون نظرون پنهنجي چونڊيل نمائندن ڏانهن آهن، چونڊيل نمائندا پارليامينٽ جو موثر ان??از ۾ استعمال ڪري عوامي مسئلن جو حل تجويز ڪري سگهن ٿا.