اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) سينيٽ ??يئ??مين محمد صادق سنجرا??ي چيو آهي ته ڪنهن ??ه ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ عورتن جو ڪردار اڻٽر آهي، عورتون زندگي جي هر شعبي ۾ پنهنجو پاڻ مڃايو آهي ۽ هر ميدان ۾ عورتن مردن سان شانه بشانه ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. اها ڳالهه هن ??ورتن جي عالمي ڏينهن ??ي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي. سينيٽ ??يئ??مين چيو ته پاڪستاني عورتن جي ملڪي ترقي ۾ باوقار خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، پاڪستاني عورتن ثابت ڪيو ته هو ڪنهن ??ه شعبي ۾ مردن کان ??هٽ ناهن، جديد دور جي ڏس ۾ اسان ??ي اهڙو ماحول بڻائڻ گهرجي جنهن ??ان عورتن کي اڳتي وڌڻ ۾ مدد ملي. هن چيو ته اسان جي مذهب اسلام عورتن کي سڀ کان وڌيڪ عزت ڏني، عورت ماءُ به آهي، ڀيڻ ۽ ڌي به، زندگي جي هر روپ ۾ عورت هڪ مقدس مقام ۽ اهم ڪردار ادا ڪندي نظر ايندي آهي. هن چيو ته اڄ اسان ??ي فخر ڪرڻ گهرجي ته هر ميدان ۾ چاهي اه?? راند هجي، سياست هجي يا تعليمي ميدان عورتون مردن سان شانه بشانه پر مردن کان هڪ قدم اڳتي نظر اينديون آهن. محمد صادق سنجرا??ي چيو ته پاڪستان ۾ عورتن کي زندگي جي هر شعبي ۾ اڳتي وڌڻ جي لاءِ موقعا فراهم ڪرڻ جي پيش نظر موثر قدم کنيا ويا آهن ??نهن هوندي به ان سلسلي ۾ وڌيڪ ڪوششن جي ضرورت آهي ته جئين عورتن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ سان ??ڏوگڏ روزگار جا برابر موقعا ميسر اچي سگهن ۽ عورتون آزادي سان پنهنجا فيصلا ڪري سگهن، پاڪستان جي سمورين سياسي پارٽين ملڪي ترقي ۾ عورتن جي ڪردار ۽ نمائندگي جي فروغ لاءِ قدم کنيا آهن، پاڪستان جي پارليامينٽ عورتن جي ترقي لاءِ موثر قانونسازي به ڪئي آهي ۽ سينيٽ آف پاڪستان ??ي اهو اعزاز آهي ته هتي اهم قانونسازي عورتن پاران متعارف ڪرائي وئي آهي.