اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي امتحا?? ۾ ??رڪت جي اجازت نه ڏيڻ تي نجي ڪاليج جي هڪ ميڊيڪل جي شاگرد جي شڪايت تي چيو آهي ته متاثره ڌر پاڪستان ميڊيڪل جي شاگرد جي شڪايت تي چيو آهي ته متاثر ڌر پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن جي لاڳاپيل شق تحت ڪ??س داخل ڪري، جنهن تحت يونيورسٽين کي اختيار حاصل آهي ته اهي شاگردن کي امتحا?? ۾ ??رڪت جا وڌيڪ موقعا ڏئي سگهن ٿيون. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سر??لند خان صدر کي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف اپيل ڪئي هئي جنهن ۾ وفاقي محتسب محمد ميڊيڪل ڪاليج ميرپورخاص ??ي فيصلي کي برقرار رکيو ويو هو. درخواستگذار واضح ڪيو ته هو ٻئي سال جي بائيو ڪيمسٽري جي امتحان ۾ ٻه ڀيرا فيل ٿيو هو ۽ رول تحت امتحان پاس ڪرڻ جي لاءِ وٽس چار موقعا هئا جڏهن ته هو امتحا?? ۾ ??رڪت جي ٽئين ۽ چوٿين موقعي مان فائدو نه کڻي سگهيو ڇو ته ميڊيڪل ڪاليج کيس وقت سر اطلاع نه ڏني ۽ شاگرد جي ڪاليج ۾ داخلا تي پڻ پابندي هنئي وئي. سر??لند خان صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي اپيل ڪندي گذارش ڪئي ته جيڪڏهن ان کي امتحا?? ۾ ??رڪت جو موقعو نه ٿو ڏنو وڃي ته پوءِ لاڳاپيل ميڊيڪل ڪاليج کي هدايت ڪئي وڃي ته ان کي 15 لک رپيا جمع ڪرايل فيس گڏ 7 سالا منافعي جي رقم سان گڏ واپس ڪئي وڃي. شڪايت ڪندڙ اها به درخواست ڪئي ته ان جي بائيو ڪيمسٽري جي پيپر جي ري چيڪنگ جو پڻ حڪم ڏنو وڃي ڇو ته هو رڳو هڪ نمبر گهٽ هجڻ جي ڪري فيل قرار ڏنو ويو آهي. وفاقي محتسب پنهنجي آرڊر ۾ چيو هو ته ميڊيڪل ڪاليج جي حوالي سان ڪا بدانتظامي ظاهر نه ٿي ٿئي ۽ پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (پي ايم ڊي سي) جي 24 سيپٽمبر 2020ع جي ايڪٽ لاڳو ٿيڻ کانپوءِ شاگرد امتحان ۾ چار ڀيرا شرڪت جي موقعي مان فائدو نه ٿو کڻي سگهي ڇو ته ان حوالي سان قانو?? ۾ ??رميم ڪئي وئي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سر??لند خان جي اپيل تي پنهنجي فيصلي ۾ پي ايم ڊي سي جي ريگيوليشنز 2021ع جو حوالو ڏيندي واضح ڪيو ته ان حوالي سان لاڳاپيل يونيورسٽي شاگرد کي امتحا?? ۾ ??رڪت جي اجازت ڏئي سگهي ٿي ۽ امتحان ۾ ڪنهن شاگرد جي شرڪت جي موقعي جي فيصلي جو اختيار لاڳاپيل يونيورسٽي وٽ آهي ۽ ان حوالي سان شاگرد کان ڪا اضافي فيس طلب نه ٿي ڪري سگهجي. هن لاڳاپيل تعليمي سالن جي لاءِ ادا ڪيل فيسن جي حوالي سان نوٽيفڪيشن جي چيپٽر IV جو حوالو ڏيندي واضح ڪيو ته فيل ٿيل امتحان ۾ ٻيهر شرڪت جي موقعي بابت ريگيوليشنز ۾ لکيل آهي ته هر يونيورسٽي فيل ٿيندڙ شاگرد جي امتحا?? ۾ ??رڪت جي حوالي سان پنهنجا قانون پاڻ جوڙيندي ۽ اهڙي قسم جي ريگيوليشنز کي مشتهر ڪيو ويندو ته جيئن هر شاگرد جي انهن قانونن تائين پهچ کي يقيني بڻائي سگهجي. صدر چيو ته وفاقي محتسب پاران پاس ڪيل آرڊر ۾ ڪنهن به قسم جي خامي نه آهي جڏهن ته اپيل ڪندڙ جيڪڏهن چاهي ته هو پي ايم ڊي سي جي لاڳاپيل قانون مان فائدو کڻي سگهي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن اپيل ڪندڙ چاهي ته پنهنجي شڪايت جي ازالي لاءِ لاڳاپيل فورم تي رابطو ڪري موجوده قانون مان فائدو کڻي سگهي ٿو. ان حڪم تحت صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميڊيڪل ڪاليج جي شاگرد سر??لند خان جي اپيل کي اڪلائي ڇڏيو.