اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ”احس??س ڪير بکيو نه سمهي“ جو دائرو ملتان، گوجرانوالا ۽ لاهور تائين وڌائي ڇ??يو آهي، آڪٽوبر تائين اهو پروگرام چئني صوبن جي 29 شهرن ۾ 40 ٽرڪن جي ذريعي مفت کاڌو پهچايو ويندو، ان سان روزاني 40 هزار ماڻهو ۽ ساليانو 14 لک 60 هزار ماڻهو فائدو حاصل ڪري سگهندا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته احس??س ڪير بکيو نه سمهي پروگرام تحت ڏهاڙيدار ۽ مزدور طبقي کي مفت کاڌو پهچايو پيو وڃي، ان سان ڏهاڙيدار ۽ مزدور طبقو کائڻ پيئڻ تان بچندڙ رقم به پنهنجي گهرڀاتين کي موڪلي سگهن ٿا، 4 اضافي کانپوءِ 16 ٽرڪ فوڊ فراهم ڪري رهيو آهن.