اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پا??ستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جا ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي ڪورونا حڪمت عملي، معيشت، واپار، توانائي، زراعت ۽ عوامي ڀلائي سميت ٻين اهم شعبن ۾ بهتري جي لاءِ حڪومتي قدمن ۽ ڪاميابين کي اجاگر ڪندو، ان سلسلي ۾ اڄ خميس ڏينهن ڪنوينشن سينٽر ۾ خاص تقريب ٿيندي جنهن ۾ ڪاميابين، چئلينجز، اميد ۽ شاندار مستقبل جي روڊ ميپ تي ٻڌل حڪومت جي ٽي سالا ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪئي ويندي جنهن ۾ نئون پا??ستان جي ويزن موجب عام ماڻهن جي ڀلائي ۽ سهولت جي لاءِ سمورين وزارتن ۽ ڊويزنن جي ڪوششن ۽ قدمن جو احاطو ڪيو ويندو. ٽي سال اڳ آگسٽ 2018ع ۾ پا??ستان تحريڪ انصاف وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پا??ستان کي مديني جي رياست جي طرز تي هڪ فلاحي رياست بڻائڻ جي عزم سان گڏ حڪومت جو نظم ۽ ضبط سنڀاليو هو. جيتوڻيڪ گذريل 12 مهينن ۾ ڪوويڊ 19 جي وبا ۽ ان سبب پيدا ٿيندڙ معاشي صورتحال جي ڪري پا??ستان تحريڪ انصاف جي حڪومت کي مختلف شعبن ۾ ڪافي مشڪلاتون درپيش هيون پر پي ٽي آءِ جي حڪومت ??نهنجي پهرين 2 سالن جي ڪارڪردگي کي برقرار رکيو ۽ مشڪلاتن کي انهن جي شروع ۾ ئي ختم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻايو. ڪورونا جي سنگين حالتن ۾ وزارتون، کاتا ۽ سرڪاري ادارا عام ماڻهو کي هر ممڪن بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ بنا رڪاوٽ ڪم ڪندا رهيا. حڪومت جي ٽي سالا ڪارڪردگي 21 – 2018ع تي ٻڌل رپورٽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جي سرپرستي ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت تيار ڪئي آهي ۽ ان رپورٽ ۾ ڪورونا وبا جي ڪري عالمي اقتصادي ٻاڙائي جي باوجود موجوده حڪومت جي ڪاميابين ۽ ڪارنامن جا تفصيل ڏنا ويا ??هن. اها رپورٽ 251 صفحن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ وزارتن، ڊويزنن ۽ سرڪاري کاتن سميت 44 سرڪاري ادارن جي ويزن، ڪاميابين ۽ اڳتي جي حڪمت عملي جو خاڪو پيش ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ هر شعبي جي ڪارڪردگي سان گڏوگڏ اهم مقصدن، انهن جي قدمن تي اڳڀرائي، ڊگهي مدي واري حڪمت عملي، قانونسازي جي حوالي سان پاليسي فريم ورڪ ۽ مختلف منصوبن جا تفصيل پڻ بيان ڪيا ويا ??هن. رپورٽ جي مواد کي انفو گرافڪس، لاڳاپيل حقيقتن ۽ انگن اکرن ذريعي واضح ڪيو ويو آهي. آگسٽ 2018ع ۾ اقتدار ۾ اچڻ تي پا??ستان تحريڪ انصاف جي حڪومت کي مالياتي عدم استحڪام، غربت، تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ ناڪافي سهولتن سميت مختلف چئلينجز ورثي ۾ مليا ??ڏهن ته گذريل ٽن سالن ۾ حڪومت ??عاشي استحڪام، ترقي ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ نمايان ڪارناما سرانجام ڏنا آهن خاص طور تي ڪوويڊ 19 جي صورتحال ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي اختيار ڪري حڪومت ??عاشي سرگرمين کي بحال رکيو. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته عالمي رسالي دي اڪانومسٽ پا??ستان کي ڪورونا وبا جي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ ٽن ملڪن ۾ شامل ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪورونا کان بچاءُ جي ويڪسين فراهم ڪرڻ ۽ ڪورونا وبا کان حفاظت جي لاءِ ملڪ ۾ اوزارن جي تياري ۾ پا??ڀرائپ موجوده حڪومت جون اهم ڪاميابيون آهن. موجوده حڪومت گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي سهولت ۽ انهن کي سستي رهائش فراهم ڪرڻ جي لاءِ نئون پا??ستان هائوسنگ پروگرام، سماجي تحفظ جي لاءِ احساس پروگرام ۽ نوجوانن کي روزگار حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ جي لاءِ ڪامياب جوان پروگرام جهڙا اهم منصوبا شروع ڪيا ??هن. ملڪ جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ توانائي جي شعبي ۾ پا??ڀرائپ جي لاءِ متبادل توانائي جي ذريعن تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. 60 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو وڏن پا??ي ذخيرن جي تعمير جي عملي شروعات ڪئي وئي آهي. قانونسازي جي شعبي ۾ معاشري جي غريب ۽ ڪمزور طبقي جي سهولت لاءِ ضابطه ديواني ترميمي ايڪٽ 2020ع، عورتن جي لاءِ ملڪيت جو حق لاڳو ڪرڻ جي ايڪٽ 2020ع ۽ ليگل ايڊ اينڊ جسٽس اٿارٽي ايڪٽ 2020ع جهڙا 54 قانون منظور ڪيا ويا ??هن. اها رپورٽ عوامي معلومات جي لاءِ ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا ??ينڊ پبليڪيشنز جي ويب سائيٽ تي دستياب آهي.